Posted by: Devi Nangrani | June 29, 2011
در ڪلف ۽ ڪنجي
سنڌ جي مھڪ جو ھِڪُ گُلدستو
عبدل الشڪور قاضي صاحبن جو انواد ڪيل ھي ڪاويه سنگره ” در ڪلف ۽ ڪنجي“ خيالن جي اڇوتي ھئڻ ۽ ٻوليءَ جي ٻل جو ۽ قلم جي قوت جو ضامن بڻجي اسان جي سامھون آيو آھي. قاضي صاحبن ڄڻ ته ليکڪ اعجاز رحيم جي پوکيل شبد روپي ٻِجن کي ڪنھن گُلستان جي ماليءَ جيان پنھنجي ھٿن سان سنواري اُسريل ٻوٽن جي مھڪ کي اسان پاٺڪن تائين پھچائڻ جي بخوبي قامياب ڪوشش ڪئي آھي. وري سچ سان ملاقات ٿيڻ جي پڌرائي ڪھڙي نه انوکي انداز سان بيان ڪيل آھي.“” نه آھي عبادت اِھا
ڇو ته سندس چَپَ”،
ھيئن (چپ آھستي چوريندي)
چُرن ئي نه ٿا! “
لفضن ۾ پاڪيزگي ۽ پُختگي پئي پسجي. اِئن ٿو ڀاسجي جڻ خامُشي ڳالھائڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي. داد جا ٻه الفاض ھِن مٺي ماٺ ۾ سمايل آھن.
” آھ خاموشي زبان جا سانت ۾ ڳالھائي ٿي
ماٺ جي مُکڙين سان منھنجي مُرڪ کي مھڪائي ٿي. “
درُ، ڪُلف، چاٻي
عمل آھي برتر
لفضن جي لوڌ کان
اھائي آڳي ٻولي
دلجوئيءَ جي بھتر. صفعو1
سچُ چيو آھه سياڻن ڪُوُڙن ھزار لفضن کان ھِڪُ مِٺو ٻول پيار جو وڌيڪ وزن وارو رھندو آھي، شايد پيار دنيا جي ھڪ اھڙي حقيقت آھي جا آد کان اِنت تائين پنھنجو وِستار وسائي ويٺي آھي. سا پُل چڳي جا دل ٽورڻ کان دل جوڙڻ ۾ ڪارگر سِڌ ٿئي، جا زخم تي راحتُن جو مرھم رکي سگھي.ڪويءَ ڪھڙو نه سندر مصال ڏنو آھه
”آھي لازمُ وِسائڻ باھه اول
يا ڳولڻ سبب ان جو باھه جو؟ 1
اُھا باھه جا دليُن ۾ ڀنڀٽ ڪري پئي وچڙندي وڃي، نفرتن جي پُليُن کي پيار جي پاڻيءَ سان وِسائي شبنم جھڙي شيتليا ۽ تازگي پردان ڪرڻ جي جميواري فقت ۽ فقت اِنسان جي آھي، ڇاڪاڻ جو اھو بشرجو من ئي آھي جوھر چنڱائيءَ ۽ مندائيءَ جو جميوار رھيو آھي، پنھنجيءَ سوچ جي ڪري، پنھنجي سُٺي ۽ بُري ونھوار جي ڪري، شايد اِھو ئي ڪارڻ آھي جو گھر گھر ۾ سوچ ۾ ٽڪرو ٿو ڏسڻ ٿو اچي، ديش جا ٽُڪڙا ٽُڪڙا ٿيندا پيا اچن، امن چين جو نامو نشان گم ٿيندو ٿو وڃي، گھرن جي وِچ ۾ ديوارُن جو ڪنڌ وڃي ٿو ڳاٽ جيان اوچو ٿيندو. جڏھن اھم جي ديوار ٽُٽندي ته سچ ۽ ڪوُڙ جي وِچ جو فاصلو گھٽبو. شايد اِئن ٿيڻ سان اِنسانيت جو خاتمو ٿيڻ کان بچي وڃي ھيءُ سنسار امن چين جو ھِڪ مھڪندڙ گُلشن بڻجي پوي.
آشائن جي پيِڙ تي نِراشائن جا ٻوٽا پوکيل آھن، جن کي سچ جي جل جو ڇِٽڪاءُ وري سر سبز ڪري سگھي ٿو. اِنھيءَ لاءِ اِھو لاضمي ۽ ضروري آھي ته اِنسان جو ضمير جاڳيل رھي. جڏھن سچ جو جذبو سچ سان گڏبو ته پوءَ گلشن جي مھڪ کي ھوائن ۾ ڦھلجڻ کان ڪوئي روڪي نٿو سگھي.
ديوي ناگراڻي
نيو جرسي،
12 جوُلائي 2007
Like this:
Be the first to like this post.
Recent Comments