Posted by: Devi Nangrani | March 24, 2010
Cheeki Mitti ki mehek
’چيڪي مٽي’ احساسن جي شائري
احساس ئي ته آھه جو دل ۾ لھر پيدا ٿو ڪري. شاعري ھِڪ ڏات آ. سخن سازي آ لفضن جو جوڙ، اڃا به اڀياس ۽ مشق جي

Devi Nangrani
ھيءَ راه آھي جنھن جي منزل ئي نه آ. تا عمر لکندو رھهُ پر سحرا جي پياس اڻٻُجھيل جي اڻٻُجھيل ئي ٿي رھي ويتر وڌيڪ لکڻ جي امنگ ٿي جاڳي. بقول شيخ اياز جي زباني؛
” شاعري ڏات آ اياز، مگر
ڏات ڪھڙي ھُجي نه جنھن کي ڏانءُ.“
شاعراڻو چولو پائي، چند سُھڻيون سٽون لِکڻ سان به قدر ٿيندو آھي پر امر ڪردار ته اھو بڻجندو آھي
جيڪو شاه لطيف وانگر اسان کي واٽون ڏيکاري ويندو آھي؛
” تتيءَ ٿڌيءَ ڪالھه ڪانھي ويل وھڻ جي.“
غوث پيرزادي جي شاعري چيڪي مٽيءَ جي زمين تي پوکيل شبنمي شبدن جو ھِڪُ مھڪندڙ مڌُبن(گلشن) آھي جنھن ۾ سليڪيدار سُر- شبد- سُمن جو گُلدان سجايل آُھي، جنھن ۾ سُرھاڻ سمايل آھي ، ڪٿي پيار جي رمجھم، ڪٿي درد جا سُڏڪا، ڪِٿ بارش جي رمجھم ۾ مڌر گيت ڳائيندي ساري ڪائنات پريم ۾ متواري ٿي پئي ڦيڙڙيون پائي ، ته ڪٿ سُڃ وسنءُ ۾ پئي واڪا ڪري….
رنگن جي شهر ۾ رنگي
چپن سان پاڻ رڱباسين
تون گلن سان ويرکي گهرو نه ڪر
تنگ خوشبوءَ تي پرين پهرو نه ڪر
فضا غمگين آ ساري اسان جي شهر ۾ سائين
خوشي ڪنهن ئي ته آٻاري اسان جي شهر ۾ سائين
شائري فن به آھي ۽ فڪر به آھي. سنڌي شعر علم عروض جي نيمن موجب جوڙيو ٿو وڃي . ’عروض’ اھو علم آھي جيڪو شعر جوڙڻ جا ماپا ، بحر، وزن، اُن جي تقطيع جا نيم ۽ قافيي جا قاعدا ٻُڌائي ٿو. شعر اھو ڪلام آھي، جو ڪنھن مقرر وزن تي، مناسب لفضن ۾ بااِرادي چيو وڃي ۽ منجھس قافيو به ھجي.’ غوث پيرزادي جي شائري ٻوليءَ جي ٻل جو ۽ قلم جي قوت جو ضامن بڻجي اسان جي سامھون آئي آھي، جنھن جو ھڪڙو سبب ڏات ۽ ڏاھپ جي سنجيدگي آھي. ھن شعر مان شبد جي سرسراھٽ ھوائُن ۾ پنھنجي پڌرائي ڪرڻ ۾ ڪامياب رھي آھي.’
جهوپڙي ويران ٿي سوچي ڪڏهن
سيبتي مونکي سنواريندي اچي
شڪارين جي اکين کان جو بچي نڪتو
پکين جي شهر ۾ ماريو ويو آهي
زندگيءَ جي اُس کان مڪتي پائي ڇانو ۾ ھِڪ وڏو اُڀو ساهُ پٽڻو آھي. لاضمي به آھي، شايد اڄڪلِ جو آدم آشا جو دامن ڇڏي روزمرراه جي ھِن جيون جي ڪشمڪش جي واديُن ۾ اُلجھي رھيوآھي، جِتي خودغرضيءَ جي زھريلي ھوا ڦھلجي رھي آھي، فضائن ۾ نفرتن جا نانگ وسي ويا آھن، خشڪ چپن تان ڄڻ ته وقت مرڪ پٽي ورتي آھي. غوش جي لفضن ۾ بي درد زماني جي تصوير چٽي پئي ڏسڻ اچي.
ڪيئن ڳولهيان پيار کي ڪاٿي ملي جيڪر وڃي
ڪير آ جيڪو ٻڌائي ڏس پتو هن کاڻ جو
تنهنجي اک ۾ ايڏا لڙڪ ڪٿان آيا
کلڻي! تنهنجي کيچل ٽوڙي ڪير ويو!؟
اڄ اکيون رستو تڪي ڇلڪي پيون،
دل چيو دونهينءَ جيان دکَي پئون.
سچُ چيو آھه سياڻن ڪوڙن ھزار لفضن کان ھِڪُ مِٺو ٻول پيار جو وڌيڪ وزن وارو رھندو آھي، شايد پيار دنيا جي ھڪ اھڙي حقيقت آھي جا آد کان اِنت تائين پنھنجو وِستار وسائي ويٺي آھي. سا پُل چڳي جا دل ٽورڻ کان دل جوڙڻ ۾ڪارگر سِڌ ٿئي، جا زخم تي راحتُن جو مرھم رکي سگھي. ڪويءَ ڪھڙي نه سندر تصوير شندن سان چٽي اسانجي سامھون پيش ڪئي آھي.
لفظ جذبن کي ڪُهن ٿا
هر خوشي اغوا ٿئي ٿي
نارايڻ شيام پاڻ لکيو آھي ’پڙھندڙ جڏھن شاعرسان تخيلُ جي راھ ۾ ھمقدم ٿيندو،تڏھن ئي شعرِجو جمالياتي لطف ماڻي سگھندو. شاعر جي اِظھار جو اندازنيارو ھوندو آھي. جنھن راھه تان اُن سچ تائين پھُتو آھي اُن سفر جوئي لطف ته پڙھندڙ کي وٺڻو آھ، شاعر جو پيرو کڻي.’ غوش جي شاعريءَ به پڙھندڙ کي پاڻ سان ھمسفر ٺاھي ھلڻ ۾ سڪشم آھي. ڏسو ھِن بانگيءَ ۾؛
موڪلائين ٿي مٺي مرڪي جڏهن تون روح جي
هار مونيم تي هِجر جا سُر ڇِڙندا ٿا وڃن
ھڪُ ارمان اِھو به پورو ڪرڻو آھي، جو پنھنجي سنڌ جي سوغات اسانجي مٺڙي ٻولي سنڌي پنھنجي ايندڙ پيڙھيءَ جي لاءِ اڃا به سوگھي ڪري رکڻين آھي. اُميدُن جي آس جو ڏيئڙو ٻاري پنھنجي واٽ پاڻ پنڌ ڪري پائڻي آھي. ياد جي واديءَ مان گذري پنھنجي گُذريل ڪلھه جي تجُربات سان ايندڙ سڀاڻ جو سينگار ڪرڻو آھي . اسانجي سنڌي شاعر لڪشمڻ ڊبي جو ھي شعر پُر اثر انداز ۾ سچ جو اِظھار ڪري رھيو آھي…
سامي، سچل، ڀثائي يا شيخ، شيام، حاسد
ڪوتا جي ڪنوار ڪيڏيون رمڻيڪ پوتيون پاتيون.
اھڙو ئي ھڪُ سُھڻو عڪس غوش جي شعريءَ جي چپن تي لرذش ڪندو پاڻ پڌرائي پيو ڪري؛
روح سندو سو رقص اڃا ڀي يادن ۾ آ (ياديُن ۾ آ)
هڪڙو سهڻو عڪس اڃا ڀي يادن ۾ آ
سچائي سامھون سِج جي روشني بڻجي اسان کي ھِڪ سنديش ڏئي رھي آھي. آشائن جي پيِڙ تي نِراشائن جا ٻوٽا پوکيل آھن، جن کي سچ جي جل جو ڇِٽڪاءُ وري سر سبز ڪري سگھي ٿو. اِنھيءَ لاءِ اِھو لاضمي ۽ ضروري آھي ته اِنسان جو ضمير جاڳيل رھي. جڏھن سچ جو جذبو سچ سان گڏبو ته پوءَ گلشن جي مھڪ کي ھوائن ۾ ڦھلجڻ کان ڪوئي روڪي ڪين سگھندو.
ڪيئن ڪوڙا ٽهڪ توکي آڇيان
ڪيئن پٿر ٿي ويل چهرو چمان
زندگيءَ جي شام ايڏي زرد ڇو مونکي ڏنئي
غوث! سج کان پوءِ وارو پهر پڇندو ئي رهيو.
اي وقت! وري هن ڌرتيءَ تي هي ڪهڙو کيل رچايو تو
هڪ ڏيل ڏکويل جيجل جو آ ٻيهر ڏيل ڏکايو تو
تو ته هميشه منهنجي نيڻن ۾ ڳوڙهن جا ڳوٺ اڏيا
حيف هجئي ڙي قسمت! مونکي ڪيڏو تڙپايو تو
ساهن جو درياءُ چئي ٿو اڄ مون ۾
هن جي چنري آهي ٻوڙي ڪير ويو
منھنجو ڳِھو وشواس اھي ته رچناڪار غوش پنھنجي سرجن شڪتيءَ جي ٻل تي پنھنجي سڃاڻپ ڪو ھڪ مقام حاصل ڪرڻ ۾ قمياب ٿيندو ۽ وِک وِک ھلندي پنھنجي منذل تي پھُچائڻ واري واٽ وٺندو.
گھٽ ۾ گھٽ لفضن ۾ پنھنجي ڳالھ ٻِن ظاھر ڪرڻ جو ھي فن لاجوان آھي. اِئن ٿو ڀاسجي جڻ خامُشي ڳالھائڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي. داد جا ٻه الفاض ھِن مٺي ماٺ لاءِ جا تنھنجي منھنجي سانجھي آھي.
’ آھ خاموشي زبان جا سانت ۾ ڳالھائي ٿي
ماٺ جي مُکڙين سان ھر ھڪ باغ کي مھڪائي ٿي’
ديوي ناگراڻي
24 مارچ،2010
dnangrani@gmail.com
Like this:
Be the first to like this post.
Recent Comments