Posted by: Devi Nangrani | February 19, 2010
Hawa ji Deinhun
” ھوا جو ڏينھن “
عاجز ميرواهي صاحبن جو ڪتاب ھٿ آيو ته سھڻي ڪور سا روبرو ٿيس. ” ھوا جو ڏينھن ” لڳو ته ڪنھن زندگيءَ جي
اُس کان مڪتي پائي ڇانو ۾ ھِڪ وڏو اُڀو ساهُ پٽيو ھُجي. لاضمي به آھي، شايد اڄڪلِ جو آدم آشا جو

Ajiz Mirwani
دامن ڇڏي روزمرراه جي ھِن جيون جي ڪشمڪش جي واديُن ۾ اُلجھي رھيوآھي، جِتي خودغرضيءَ جي ھوا ڦھلجي رھي آھي، فضائن ۾ نفرتن جا نانگ وسي ويا آھن، انھن جي لفضن ۾ بي درد زماني جي تصوير چٽي پئي ڏسڻ اچي.
دوستيون ياريون به مطلب جون ٿيون لڳن ،
يار ۽ پيارا به ٿا دشمن لڳن.
اھڙا ڀاو منھنجي ھن شعر ۾ سمايل نظر پيا اچن :
پنھنجو پنھنجو پيو چئي ڪوئي لُٽي ڏينھن رات ٿو
سال گذريا پو پتو پيوڪيئن لٽي ڏينھن رات ٿو.
پر ھن دوءُر جي جدوجھد جي وِچ ۾ ھڪ وطن سا ڪيل واعدو به نڀائڻوآھي. اچو ته ٻڌون عاجز ميرواهي صاحبن جي زباني :
نهن چوٽيءَ جو زور لڳائي سنڌ سلامت رکڻي آ ،
ظالم ، جابر ، پست بنائي سنڌ سلامت رکڻي آ .
حاڪم اڄڪلهه وارا سارا ڳيجهو هڪڙي قاتل جا ،
تن کان سارو قرض چڪائي سنڌ سلامت رکڻي آ .
ھڪُ ارمان اِھو به پورو ڪرڻو آھي، جو پنھنجي سنڌ جي سوغات اسانجي مٺڙي ٻولي سنڌي پنھنجي ايندڙ پيڙھيءَ جي لاءِ اڃا به سوگھي ڪري رکڻين آھي.
سچائي سامھون سِج جي روشني بڻجي اسان کي ھِڪ سنديش ڏئي رھي آھي. اُميدُن جو ڏيو ٻاري-
سڀ سمــهي پيــا ٻيـا،
جاڳــي هــڪـــڙو رب. ۽ مان ……………
“سُجاڳي ” اسانجو وسُ آھي !!!
ديوي ناگراڻي
10 فروري، 2008
Like this:
Be the first to like this post.
Recent Comments